سپريم ڪورٽ، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان بدتميزي ڪرڻ واري ڪيس جو اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو

aftkhar

سپريم ڪورٽ، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان بدتميزي ڪرڻ واري ڪيس جو اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، اڳوڻي وزير اعظم ظفر الله جمالي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته واقعي واري ڏينهن افتخار چوڌري کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان بدتميزي ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم تي اڳوڻي وزير اعظم ظفر الله جمالي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو.

ظفر الله جمالي چيو ته واقعي واري ڏينهن اڳوڻي چيف جسٽس کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون.

ظفر الله جمالي جواب ۾ چيو ته واقعي واري ڏينهن افتخار چوڌري کي چيو هو ته پنهنجي گهرواري کي گڏ نه وٺي اچي.

چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته ڪيس جو اصل رڪارڊ اچڻ کانپوءِ معاملي کي ڏٺو ويندو.

سپريم ڪورت ڪيس جو اصل ڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي جولاءِ جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*