سبي ۾ ايف سي جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد 3 زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي شهر  سبي ۾  ايف سي جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 اهڪار زخمي ٿي پيا آهن.

چاڪر روڊ تي پوليس لائين ڀرسان رموٽ ڪنٽرول بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويو  ۽ 3 اهلڪار  زخمي ٿي پيا.

شهيد اهلڪار جي لاش ۽ 3 زخمين کي سي ايم ايڇ سبي منتقل ڪيو ويو آهي.

ڌماڪي بعد ايف سي واقعي واري هنڌ کي گهيري آڻي ، جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*