ميرپور ماٿيلي ويجهو هٿياربند ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ويا پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو

ميرپور ماٿيلي ويجهو هٿياربند پاڻي جي واري تي ويل 2 ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ويا، پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ڇاندڻ شريف مان اڻڄاتل هٿيار بند ڳوٺاڻي شاهد ۽ عبدالوهاب لغاري کي اغوا ڪري ويا.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڳوٺاڻا پاڻي جي واري تي ويل هئا ته هٿيار بند کين اغوا ڪري ويا آهن.

پوليس واقعي  واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پر هيل تائين مغوين جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*