اڳوڻي صدر آصف زرداري سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير سهيل انور سيال سان رابطو ڪري چيف جسٽس جي پٽ جي حفاظت سان بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت

sohil-anwar-asif

اڳوڻي صدر آصف زرداري سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير سهيل انور سيال سان رابطو ڪري چيف جسٽس جي پٽ جي حفاظت سان بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ سرڪار پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن سان رابطو ڪري اويس شاهه جي بازيابي لاءِ سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ذريعن موجب آصف زرداري صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال سان فون تي رابطو ڪري کائنس چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا واري معاملي بابت ڄاڻ ورتي، جنهن دوران آصف زرداري صوبائي گهرو وزير کي چيف جسٽس جي پٽ جي حفاظت سان بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ سرڪار پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن سان رابطو ڪري اويس شاهه جي بازيابي لاءِ سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

گهرو  سيڪريٽري موجب بلوچستان ۽ پنجاب سرڪار کي داخلي ۽ خارجي رستن تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي  به اپيل ڪئي وئي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*