پشاور ۾ پوليس ڪاررواين دوران ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 دهشتگرد گرفتار

Peshawar-Police-25-2-16

پشاور ۾ پوليس ڪاررواين دوران ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، آءِ جي ڪي پي ناصر دراني اعتراف ڪندي چيو آهي ته پشاور ۽ مردان ڊويزن دهشتگردن جي نشاني تي آهن، امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.

پوليس موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ مردان مان پابندي مڙهيل تنظيم فضل الرحمان جي نشاندهي تي پشاور ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون.

آءِ جي خيبرپختونخواهه ناصر دراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرفتار ڪيل دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي، جن جي قبضي مان مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

آءِ جي اعتراف ڪيو ته پشاور ۽ مردان دهشتگردن جي نشاني تي آهن، جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪاررواين سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*