سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

sindh-cabina

سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير قائم علي شاهه، چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي بازيابيءَ لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پاڻ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ شهر جا لنگهه بند ڪري نگراني سخت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مولابخش چانڊئي چيو آهي ته اويس شاهه جي بازيابيءَ لاءِ في الحال بلوچستان حڪومت کان مدد نه گهري آهي، دهشتگرد عدليا تي دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿا، جلد سندن خاتمو آندو ويندو.

چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي اغوا ۽ امن امان جي صورتحال جي جائزي لاءِ وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال، ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه، سڌ سماءُ واري صلاحڪار مولابخش چانڊئَي، آءِ جي سنڌ اَي ڊي خواجا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير ڪراچي ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رينجرز ۽ پوليس کي هڪ هفتي اندر نتيجا ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس دوران پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾  رابطا وڌائڻ، بنا نمبر پليٽ وارين گاڏين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.

وڏي وزير شهر جي سمورن لنگهن جي نگراني تيز ڪرڻ جي حڪم ڏيندي چيو ته چيف جسٽس جو پٽ سندن به پٽ آهي، جنهن جي بازيابي سڀني لاءِ اهم آهي.

وڏي وزير چيو ته دهشتگردن اسان جي ادارن جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي پر اسان جي فوج، عدليا ۽ عوام دهشتگردن خلاف گڏ بيٺل آهي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو ته ڪراچي ۾ اڄ کان آپريشن تيز ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان لاءِ سمورن ادارن جون ڪارروايون جاري آهن، دهشتگرد عدليا تي دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿا پر سندن خاتمو آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*