برطانوي عدالت 68 سال پراڻي حيدرآباد فنڊز ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڀارت جي دعويٰ خارج ڪندي پاڪستان کي 10 لک پائونڊ ۾ حصيدار قرار ڏئي ڇڏيو

britain-court

 برطانوي عدالت  68 سال پراڻي حيدرآباد فنڊز ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڀارت جي دعويٰ خارج ڪندي پاڪستان کي 10 لک پائونڊ ۾ حصيدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪيس کٽي  ورتو آهي.

نظام آف حيدرآباد عثمان علي خان آصف جاهه ستين جي دور ۾ 1948ع ۾ 4 لک پائونڊ فنڊ پاڪستان منتقل ڪيا ويا هئا، ڀارت جي دعويٰ هئي ته بينڪ اها رقم اختيارين کانسواءِ منتقل ڪئي هئي، تنهن ڪري اها رقم واپس ڪرائي وڃي، جڏهن ته پاڪستان جو موقف هو ته نظام آف حيدرآباد پاڪستان کي امداد جي مد ۾ رقم منتقل ڪئي وئي هئي.

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تڪرار شروع ٿيڻ بعد برطانيه جي هائوس آف لارڊز اهو فيصلو ڪيو هو ته اها رقم برطانوي بينڪ ۾ منجمد ڪئي وڃي ۽ تيستائين اڪائونٽ ٻيهر بحال نه ڪيو وڃي، جيستائين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪو اتفاق نٿو ٿئي، بعد ۾ اهو ڪيس برطانوي عدالت ۾ آندو ويو هو.

68 سال پراڻي ڪيس ۾ هاڻي برطانوي عدالت پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي رقم ۾ پاڪستان کي قانوني حصيدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته 68 سالن کانپوءِ لنڊن جي عدالت پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو آهي، برطانوي عدالت جو فيصلو پاڪستان جي موقف جي تائيد آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستان دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪيس کٽي ورتو آهي، هڪ ملين پائونڊ جي رقم هن وقت ويسٽ منسٽر بئينڪ ۾ رکيل آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*