پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين شهريارخان هر سال جيان هن سال به موڪلون گذارڻ لاءِ انگلينڊ پهچي ويو

shahryar-PCB

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  جو چيئرمين شهريارخان هر سال جيان هن سال به موڪلون گذارڻ لاءِ انگلينڊ پهچي ويو آهي،جتي هو موڪلن دوران آءِ سي سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان هڪ مهيني جي موڪل تي انگلينڊ جي گادي واري شهر لنڊن پهچي ويو آهي.

شهريارخان گذريل سال به موڪلن تي ويو هو پر هن ڀيري سندس موڪلون افواهن جي ور چڙهيل آهن.

ڪرڪيٽ جي هلڪن ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته شهريارخان 27 جون کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي اجلاس ۾ آخري ڀيرو شرڪت ڪندو ۽ هو آگسٽ مهيني ۾ پنهنجي عهدي کان ڌار ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*