ڊونلڊ ٽرمپ کي قتل ڪرڻ چاهيان پيو: گرفتار ڪيل جوابدار جو اعتراف

Donald-Trumptru

امريڪي شهر لاس ويگاس ۾ هڪ هفتو اڳ ريپبليڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي جلسي ۾ پوليس اهلڪار کان پسٽل ڦرڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيل جوابدار  انڪشاف ڪيو آهي ته هو ٽرمپ کي قتل ڪرڻ چاهي پيو.عدالتي دستاويزن موجب 19 سالن جي مائيڪل اسٽيون اسٽينفرڊ برطانوي شهري آهي، جڏهن کيس نيواڊا جي عدالتي ۾ پيش ڪيو ويو ته هن ڪابه صفائي پيش نه ڪئي، جنهن بعد ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي جوابدار جو رمانڊ ڏئي ڇڏيو. عدالتي دستاويزن مطابق ڇنڇر ڏينهن هڪ ڪيسينو ۾ منعقد ڪيل ريپبليڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي جسلي ۾ ويو هو ۽ اتي هڪ پوليس اهلڪار کي چيو هو ته هو ٽرمپ کان آٽوگراف وٺڻ چاهي ٿو ۽ ان دوران جوابدار پوليس کان پسٽل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جوابدار مائيڪل اسٽيون ٻڌايو ته هو گذريل هڪ سال کان ڊونلڊ ٽرمپ کي مارڻ چاهي پيو پر هاڻي منجهس همٿ پيدا ٿي ته هو اهو ڪري سگهي ٿو. جوابدار موجب هن ڪڏهن به پسٽل نه هلايو آهي پر 17 جون تي هو فائرنگ رينج ويو هو ته جيئن هو ان جي مشق ڪري سگهي. هڪ فيڊرل جج قرار ڏنو ته خدشو آهي ته اسٽينفرڊ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿئي انڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. برطانوي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته هو لاس ويگاس مان گرفتار ڪيل برطانوي شهري کي مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي سومر ڏهاڙي ٽرمپ جي چونڊ مهم هلائيندڙ ڪورِي لــِيــُوڊوسڪي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي ته ٽرمپ جي مهم جي ترجمان جو چوڻ هو ته ٽرمپ ۽ سندس سڄي ٽيم ڪوري جي محنت جي ٿورائتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*