بالي ووڊ فلم “موهن جو دڙو” جو ٽريلر رليز

Hrithik-Roshan-Mohen-jo-Daro

سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب جي پس منظر ۾ ٺاهيل بالي ووڊ فلم “موهن جو دڙو” جو پهريون ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر اشوتوش گوواريڪر جي فلم ۾ ريٿڪ روشن ۽ پوجا هيج مک ڪردار نڀائي رهيا آهن، جڏهن ته فلم جي موسيقي آسڪر ايوارڊ يافته موسيقار اي آر رحمان ترتيب ڏني آهي. فلم جي ٽريلر ۾ 2016 قبل مسيح ۾ موهن جي دڙي جو عروج ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن  هڪ شيطان صفت رکندڙ شخص شرهن کي تباهه ڪرڻ جي نيت رکي ٿو، ان دوران سرمن نالي نوجوان شهر ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو چاني نالي ڇوڪريءَ سان ملي ٿو، جيڪا پوڄاري جي ڌيءَ ۽ ناچڻي آهي، سرمن چاني سان نئين معاشري بابت ڳالهائي ٿو ته کيس پتو پوي ٿو ته ڪوبه ماڻهو، چاني، موهن جي دڙي يا سندس ماضي بابت ڪجهه به نٿو ڄاڻي. ٽريلر جي ڪيپشن ۾ يو ٽي وي موشن پڪچر لکيو آهي ته موهن جو دڙو قديم پيار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي، فلم 12 آگسٽ تي رليز ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*