ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو

karachi-police

ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 8 ڏوهارين ۽ 23 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس موجب اورنگي ٽائون ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.

منگهوپير، نيو ڪراچي ۽ اتحاد ٽائون ۾ پڻ پوليس ڪاررواويون ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل 6 ڏوهارين سميت 29 ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار مخلتف ڪيسن ۾ گهربل آهن، جن وٽان منشيات ۽ هٿيار پڻ هٿ  ڪيا آهن.

پوليس ناظم آباد واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي مبينا ٽارگيٽ ڪلر عبدالقادر کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدر جو واسطو سياسي جماعت سان آهي، جيڪو 14 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث آهي.

رينجرز ڊالميا واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪندي اڪرم نالي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جو واسطو لياري گينگ وار جي عذير بلوچ گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*