موثر سرحدي نظام نه هئڻ سبب افغان مهاجرن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي: ليفٽيننٽ جنرل ناصر خان جنجوعا

comandar-Nasir-junjah16-9

وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ناصر خان جنجوعا چيو آهي ته موثر سرحدي نظام نه هئڻ سبب افغان مهاجرن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي، گڏيل قومون افغان پناهگيرن جي واپسي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم  جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر خان جنجوعا سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ناصر جان جنجوعا هاءِ ڪمشنر جو عهدو سنڀالڻ تي فلپو گرانڊي کي مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ناصر خان جنجوعا چيو ته پاڪستان 4 ڏهاڪن کان افغان مهاجرن جو بار برداشت ڪري رهيو آهي، افغان مهاجرن جي مسئلن کي نظر انداز نه ڪيو ويندو.

ناصر خان جنجوعا چيو ته پاڪستان افغان مهاجرن جي جلد واپسي جو خواهشمند آهي پر گهربل سرحدي نظام نه هئڻ سبب افغان پناهگيرن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

قومي سلامتي بابت صلحڪار، پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر کي درخواست ڪئي ته گڏيل قومون افغان مهاجرن جي واپسي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*