سـُپريم ڪورٽ، مارگلا ۾ وڻن جي واڍي ۽ اسٽون ڪريشنگ ڪيس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي معدنيات واري سيڪريٽريز کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب

superemcourt12-8

سـُپريم ڪورٽ، مارگلا ۾ وڻن جي واڍي ۽ اسٽون ڪريشنگ ڪيس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي معدنيات واري سيڪريٽريز  کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هر معاملي ۾ حڪومتن جي نااهلي سامهون اچي پئي، ڇا پٿرن جي ڪريشنگ روڪرائڻ به عدالتن جو ڪم آهي.؟

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مارگلا ۾ وڻن جي واڍي ۽ اسٽون ڪريشنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت وفاقي حڪومت ۽ پنجاب سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جبل ٽوڙي هاڻي رهائشي اسڪيون ٺاهيون پيون وڃن، هر معاملي ۾ حڪومتن جي نااهلي سامهون اچي پئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته غير قانوني ليز ڏيندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟، جيڪڏهن بلاسٽنگ روڪي وئي آهي ته ڪريشنگ پلانٽس ڇو نه هٽايا ويا آهن.

عدالت سوال ڪيو ته ڇا وڻن جي واڍي ۽ اسٽون ڪريشنگ روڪرائڻ به عدالت جو ڪم آهي.

عدالت، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي معدنيات واري سيڪريٽريز کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ڪيس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*