مختلف سببن جي ڪري اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي: اسحاق ڊار

ashaq-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مختلف سببن جي ڪري اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي، ڪوشش آهي ته جلد مالياتي ايوارڊ جاري ڪيو وڃي، صوبا ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ قدم کڻن، حڪومت ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي معاملا بهتر طريقي سان حل ڪيا پيا وڃن.

هـُن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو  پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي، سڀني کي گڏجي ان منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ گهرجي.

اسحاق ڊار وضاحت ڪئي ته مختلف سببن جي ڪري اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي، پوري ڪوشش آهي ته نئون مالياتي ايوارڊ جلد جاري ڪيو  وڃي.

ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته فنانس بل تي صحيح کانپوءِ زرعي پئڪيج لاڳو هوندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*