ناليواري قوال امجد صابري هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

amjad-sabri

ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مشهور قوال امجد صابري مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

لالو کيت 10 نمبر وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن امجد صابري جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

لاش ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، جتي پوليس سرجن امجد صابري جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي.

ايس ايس پي مقدس حيدر جو چوڻ آهي ته مشهور قوال امجد صابري گاڏي تي ڪريم آباد کان لياقت آباد وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کيس نشانو بڻايو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*