ايم ڪيو ايم وفد، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري حراست هيٺ جوابدارن جا وڊيو ليڪ ٿيڻ ۽ ٻين معاملن تي خدشا ظاهر

chudhry-nisar

 ايم ڪيو ايم وفد، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري حراست هيٺ جوابدارن جا وڊيو ليڪ ٿيڻ ۽ ٻين معاملن تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪيا ويندا.

اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان پارليامينٽ هائوس واري چيمبر ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ خالد مقبول صديقي، رشيد گوڊيل، ڪنور نويد جميل شريڪ هئا، جڏهن ته ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق به ملاقات جي موقعي تي موجود هو.

ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم جي وفد وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار کي ڪراچي آپريشن، ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ حراست هيٺ جوابدارن جا وڊيو ليڪ ٿيڻ وارن معاملن تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو.

متحده وفد چيو ته حراست هيٺ جوابدارن جا وڊيو ليڪ ٿيڻ وارو معاملو انتهائي حساس آهي، وفاقي گهرو وزير ذميوارن خلاف ڪارروائي  ڪري.

 ذريعن موجب، چوڌري نثار ايم ڪيو ايم جي وفد کي خاطري ڪرائي ته سندن جائز خدشا ختم ڪيا ويندا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*