سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير ممتاز جکراڻي جي تقرير دوران اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ

Sindh-Assembly-15-1

سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس جي ڪارروائي مشهور قوال امجد صابري جي مارجڻ بعد معطل ڪئي وئي، اجلاس دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز پاران بجيٽ تي بحث ڪيو ويو، صوبائي وزير منظور وساڻ سنڌ جي ورڇ ۽ ڌار صوبي جي ڳالهه را جي سازش آهي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ فورن بعد شروع ٿي وئي هئي.

سنڌ اسيملبيءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران بجيٽ سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي کي وساري رهي نٿو سگهجي ۽ ٻهراڙي مان غذائي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، تنهنڪري شهري توڙي ٻهراڙي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته پ پ تي خساري واري بجيٽ جو الزام لڳايو وڃي ٿو، امريڪا جهڙو امير ملڪ به خساري واري بجيٽ پيش ڪري ٿو، جڏهن ته خساري واري بجيٽ سبب انتظامي مشينري 12 مهينن دوران آمدني وڌائڻ ۽ خسارو ڪنٽرول ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ٿي.

صوبائي وزير منظور وساڻ بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙ به 13 سالن ۾ مختلف وقتن تي حڪومت ڪندا رهيا آهن، انهن ڪهڙيون کير جون نديون وهايون آهن.

منظور وساڻ چيو ته کين ٻڌايو وڃي ٿو ته 1973ع کانپوءِ احساس محرومي وڌي آهي پر محفوظ يار خان جي تقرير ته ثابت ڪري ٿي ته اها ڳالهه محرومي نه پر هڪ سازش آهي ۽ لڳي ٿو ته محفوظ يار خان جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت به انهيءَ سازش جي ڪڙي آهي.

منظور وساڻ چيو ته سنڌ جي ورڇ ۽ ڌار صوبي جي ڳالهه را جي سازش آهي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ فورن بعد شروع ٿي وئي هئي.

صوبائي وزير چيو ته نندڪمار گوڪلاڻي جي تقرير مان معلوم ٿيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ فنڪشنل ليگ پ پ ۾ شامل ٿي ويندي.

فنڪشنل ليگ ميمبرز سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي خواب ڏسڻ ۾ آيو؟ جنهن تي منظور وساڻ وراڻيو ته نه اڃا ڪوبه خواب نه ڏٺو آهي.

صوبائي وزير ممتاز جکراڻي فنڪشنل ليگ جي نندڪمار گوڪلاڻي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نندڪمار جتي به تقرير ڪري پر ڪڏهن به اپوزيشن ليڊر نه بڻجندو.

هن چيو ته اپوزيشن گرين لين ۽ ٻين منصوبن کي خواب چيو پر اهي 2018ع ۾ مڪمل ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ جو ورهاڱو ۽ ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ نه بڻجندا.

صوبائي وزير ممتاز جکراڻي پاران اپوزيشن جي عورت ميمبر کي ماسي چوڻ تان مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي چيئرمين پينل ماسيءَ جو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪري ڇڏيو.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته سنڌ اسان کي ايڏي عزت ڏني آهي، جو هــُو صوبائي وزير بڻيو آهي، ان جي ورهاڱي جي ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي.

ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته سنڌ حڪومت جي بجيٽ عوام کي مايوس ڪيو آهي، سمنڊ ڪناري رهندڙ ڪراچي واسي پاڻيءَ ڍڪ لاءِ ترسن پيا.

هن چيو ته 2014ع ۾ 42 ارب ۽ 2015ع ۾ 47 ارب رپيا رکيا ويا هئا، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي خرچ ٿيا، هــُو ايندڙ سال ٻڌائيندو ته موجوده بجيٽ جي 53 ارب رپين مان 12 ارب رپيا به خرچ نه ٿيا.

محمد حسين چيو ته بيورو ڪريسي ڪير ٿيندي آهي جيڪا چونڊيل ميمبرز جي بڻايل اسڪيمن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، موجوده بجيٽ ۾ رکيل اسڪيمون 3-3 ڀيرا اڳ به رکجي چڪيون آهن.

هن چيو ته سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال جو اهو حال آهي جو چيف جسٽس جو پٽ اغوا ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن اڳ اغوا جي وارداتن تي ضابطو آندو وڃي ها ته چيف جسٽس جو پٽ اغوا نه ٿئي ها.

مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو چيو ته اپوزيشن کي پنهنجي ميمبرز کي شيڊو بجيٽ ڏيڻ گهرجي ها، ڪراچي ۾ شارع فيصل، اسٽيل مل، ڪلفٽن، لياقت آباد ۽ سپر مارڪيٽ سميت ٻيا ترقياتي منصوبا پيپلز پارٽي بڻايا.

ڄام خان شورو چيو ته پيپلز پارٽي وڏن وڏن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو پر 12 مئي جي واقعن جي اڃا تائين ڪابه جاچ نه ڪرائي وئي آهي.

هن چيو ته ماضيءَ ۾ بيورو ڪريسي کي ڌمڪايو ويو پر هاڻي ڌمڪين سان ڪم نه هلندو، ڪراچي ۾ ماڻهن کان قلم وٺي هٿيار ڏنا ويا.

ڄام خان شورَي وڌيڪ چيو ته جڏهن به پاڪ سر زمين پارٽي، حقيقي ۽ لنڊن مان ڌمڪي هجي ته گراف ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، نفرتون پکيڙيندئو ته نفرتون ملنديون.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ايوان ۾ اڄ رڳو ريگل چوڪ تقريرون ٻڌڻ لاءِ مليون، دوست ڊنل آهن، هڪ طرف رينجرز سوڙهو ڪيو آهي ته ٻئي طرف مصطفيٰ ڪمال پنچ هڻي رهيو آهي.

اسيمبلي جي اجلاس دوران مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته ناليواري قوال امجد صابر جي قتل جي خبر پوڻ بعد اسپيڪر ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*