سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ayanalicourt22-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ماڊل ايان علي جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ڊائريڪٽر ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ، ايف آءِ اي ڊائريڪٽر  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ايان علي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو آهي پر ايئرپورٽ تي پهچندي ئي ايان علي جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي.

درخواستگذار موجب، وفاقي گهرو کاتي ايان جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ شامل ڪري توهين عدالت ڪئي آهي، عدالت ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري.

عدالت، اهڙي درخواست تي ڊائريڪٽر ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ، ايف آءِ اي ڊائريڪٽر، ڪسٽم ڪليڪٽر، ڊي جي پاسپورٽ ۽ ڊي جي اميگريشن کي به سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*