سکر ۾ پورهيت بااثر جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

sukkur-protest

سکر ۾ پورهيت بااثر جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

فيض گنج جي ڳوٺ ماهي خان شر جي رهواسي حاجي محمد حنيف شر سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميديا آڏو دانهيندي چيو ته علائقي جي هڪ بااثر کيس يرغمال بڻائي تشد ڪيو ۽ مٿي جا وار، ڏاڙهي  ۽ مڇون ڪوڙي تزليل ڪئي آهي.

پورهيت چيو ته  هن پنهنجي نياڻي جي غفار شر نالي شخص سان شادي ڪرائي هئي، پر  اهو نياڻي تي تشدد ڪندو هو، جنهن ڪري سندس نياڻي ان کان طلاق وٺڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته طلاق واري ڳالهه تان ڪاوڙجي غفار شر جي سرپرستي ڪندڙ بااثر مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ تزليل ڪئي آهي.

پورهيت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته باثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*