سکر پوليس نوشهروفيروز مان اغوا ڪيل واپاري کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

sukkur-baziab

سکر پوليس نوشهروفيروز مان اغوا ڪيل واپاري کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته مغوي کي عورتاڻي آواز ذريعي گهرائي اغوا ڪرڻ بعد وارثن کان 5 ڪروڙ  رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو.

ايس ايس پي سکر امجد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نوشهروفيروز ضلعي جي لاکا رود جي واپاري محمد سليم ڪنبوهه کي شڪاپور جي محمود آباد واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو آهي.

ايس ايس پي سکر جو چوڻ هو ته سليم ڪنبوهه عورتاڻي آواز تي هرکڪي 6 جون تي اغوا ٿيو هو ۽ جوابدارن پاران وارثن کان 5 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، ۽ بعد ۾ هڪ  ڪروڙ رپين لاءِ چيو ويو.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳجهي اطلاع تي مغوي کي بازياب ڪرائي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*