بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ٻاهران هڪ هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو

dc-badin

بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ٻاهران هڪ هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو آهي، پوليس جي اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا آهن.

ڊپٽي ڪمشنر بدين جي آفيس جي ڪمري ٻاهران هڪ جوابدار فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

ڊپٽي ڪمشنر رفيق احمد قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مرزا گروپ جو چونڊيل ڪائونسلر  دلبر سنڌي آفيس ٻاهران پسٽل جو فائر ڪري فرار ٿي ويو.

پوليس جي اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*