وفاقي حڪومت جي ماتحت ملڪ جي پهرين “ اي” عدالت راولپنڊي ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو

law

وفاقي حڪومت جي ماتحت ملڪ جي پهرين “ اي” عدالت راولپنڊي ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ موجود شاهدن جا بيان ريڪاڊ ڪيا ويندا.

راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ايراضي اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران شاهدن جا آئين لائين بيان رڪارڊ ڪيا ويا.

سکر، ڪراچي ۽ هري پور مان 4 شاهدن جا اسڪائپ ذريعي بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد عدالت ايراضي اسڪينڊل ۾ جوابدار محمد ارشد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

اي عدالت جي جج ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سهيل ناصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي عدالت جو قيام سٺو فيصلو آهي، نيب جو قانون شاهدن جا بيان آئين لائين رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*