اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان سندس چميبر ۾ غير رسمي ملاقات

khurshid-shah-and-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري ۽ ٽي او آر ڪميٽي ۾ ڊيڊلاڪ ختم ٿيڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، اسحاق ڊار چيو آهي ته مقرر وقت کان اڳ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرر ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان سندس چميبر ۾ غير رسمي ملاقات ڪئي، جنهن دوران خورشيد شاهه وزيراعظم نوازشريف جي خيريت پـُڇي.

ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري ۽ پاناما ليڪس جي ٽي او آرز بابت ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ تي غير رستي مشاورت ڪئي وئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ اجلاس سبب مصروفيتون رهيون آهن، ڪوشش هوندي ته ٽي او آر معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ايندڙ هفتي گڏجي ويهن.

اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري 45 ڏينهن کان اڳ ڪئي ويندي، خورشيد شاهه ٻين اپوزيشن پارٽين سان جلد مشاورت جو چيو آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته عيد کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي نالن تي مشاورت ڪئي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*