بارڊر مئنيجمينٽ تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، سرحدي نظام بهتر ٿيڻ سان دهشتگردن جي اچ وڃ روڪي سگهجي ٿي:نفيس ذڪريه

nafis zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته بارڊر مئنيجمينٽ تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، سرحدي نظام بهتر ٿيڻ سان دهشتگردن جي اچ وڃ روڪي سگهجي ٿي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، عالمي برادري افغان مهاجرن جي واپسي لاءِ مدد ڪري.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو ته افغانستان جي وفد جي دوري جو مقصد بارڊر مئنيجمينٽ لاءِ مڪينزم جوڙڻ ۽ رابطي ۾ پيدا ٿيل خال ختم ڪرڻ هو، پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به فورم تي ڇڪتاڻ نه ٿئي.

هن چيو ته بارڊر مئنيجمينٽ تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي،بارڊر مئنيجمينٽ دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جو حصو آهي، ان سان دهشتگردن جي اچ وڃ روڪي سگهجي ٿي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي سخت ڳڻتي آهي.

نفيس ذڪريه چيو ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن تائين افغان مهاجرن جي ميزباني ڪئي، عالمي برادري افعان پناهگيرن جي واپسي لاءِ ڪردار ادا ڪري……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*