سمنڊ پار پاڪستاني اي ميل جي ذريعي 2018 جي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي سگهندا:عارف علوي

DR-Arif-Alvi-won-PTI-Elections-2013

چونڊ سڌارن بابت پارليامينٽ جي ذيلي ڪميٽيءَ جي چيئرمين عارف علوي چيو آهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستاني ووٽ ڏئي سگهندا، ان حوالي سان تجربو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت کان آفيسرن جا تفصيل طلب ڪيا آهن.

اسلام آباد ۾ عارف علوي جي صدارت هيٺ چونڊ سڌارن بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ، بايو ميٽرڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ وارن معاملن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اي ميل جي ذريعي 2018 جي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي سگهندا ۽ انهن کي ووٽرز جي نائيڪوپ وانگر پهريان رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي.

عارف علوي چيو ته ووٽنگ تجربي لاءِ پرڏيهي وزارت کان آفيسرن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته فلپائني اليڪشن جو مبصر طور جائزو وٺي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، فلپائين ۾ ساڍن پنج ڪروڙ ووٽرز 29 هزار اليڪٽرنڪ ووٽنگ مشينز جي ذريعي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

عارف علوي چيو ته فلپائين ۾ ڏيڍ ڪلاڪ اندر چونڊن جو نتيجو سامهون آيو پر ڪنهن به چيلينج نه ڪيو.

ذيلي ڪميٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ بائيو ميٽرڪ مشينن جي ٻولي 10 ۽ 20 جولاءِ تي ڪئي ويندي، جنهن بعد خبر پئجي ويندي ته اليڪٽرانڪ ۽ بائيو ميٽرڪ مشين جي ماليت هوندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*