ڳڙهي ياسين ويجهو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گلگت واسڻ ناري کي بازياب ڪرائي، 2 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

madJI-POLICE

ڳڙهي ياسين ويجهو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گلگت واسڻ ناري کي بازياب ڪرائي، 2 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين جي اڳواڻي ۾ اٽالا ساڻ ڪري نبي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ممتاز بروهي جي گهر تي ڇاپو هنيو.

پوليس موجب ڇاپو هڻي گلگت مان اغوا ڄاڻايل 30 ورهين جي ناري شڪوت عرف شيرين ڌيءَ گوهر شاهه کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*