سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ڪراچي ۾ وڌندڙ بد امني تي ڳڻتي ظاهر،رياست کي معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ جو مطالبو

Taj-hydar28-8

سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ڪراچي ۾ وڌندڙ بد امني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي رياست کي معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سنڌ حڪومت آڏو ترقياتي ڪمن لاءِ تجويزون پيش ڪيون آهن.

 حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ٿر ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيٽر تاج حيدر، انجنيئر گيانچند ايسراڻي، علي اڪبر راهمون،  فاخرا ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مقررين چيو ته ڪراچي جا واقعا افسوس  ناڪ آهن، ڪجهه انتهاپسند گروپس هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جن کي نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آهي.

مقررين سنڌ حڪومت پاران ترقي جي اعلانن کي رد ڪندي ٿر ۾ جديد صحت مرڪز  ۽ تعليمي ادارا جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي.

هنن چيو ته ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ، صحت ۽ تعليم جو فقدان توڙي روڊ، رستا ۽  بجلي نه هجڻ   اهم مسئلا آهن، جنهن لاءِ ٿر دوولپمينٽ ڪانفرس جي فيصلن تي عمل ڪيو وڃي.

هنن چيو ته ٿر جي گيٽ وي تي يونيورسٽي ۽ ٻيا ادارا قائم ڪيا وڃن ته جيئن اتان جا نوجوان اتي رهي بهتر علم حاصل ڪن ۽ عوام جي بهتر نموني خدمت ڪري سگهن.

سينيٽر تاج حيدر چيو ته ٿر ۾ ورهاست وارو نظام ڪمزور آهي،  تعيليمي ادارا  ۽ صحت مرڪز  آهستي صحيح ٿي رهيا آهن، پر اڃا وڌيڪ  ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*