ڪراچي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ناليواري قوال امجد صابري جي مڙهه کي سوين آلين اکين سان پاپوش نگر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

amjad-sabri

ڪراچي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ناليواري قوال امجد صابري جي مڙهه کي سوين آلين اکين سان   پاپوش نگر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس توڙي رينجرز امجد صابري جي قاتلن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي.

امجد صابري جي جنازي نماز لياقت آباد 4 نمبر ۾ روڊ تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ امجد صابري  جي مائٽن، دوستن، رانديگرن، سندس پرستارن، سياستدانن، فنڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ  هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي .

امجد صابري جي جنازي نماز جي  امامت پاڪ پتن درگاهه جو گادي نشين احمد ديوان مسعود ڪئي.

امجد صابري جي مڙهه کي  سوين  آلين اکين سان پاپوش نگر  قبرستان ۾ سندس پي ۽ ليجنڊ قوال  غلام فريد صابري جي قبر ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو  ويو .

امجد صابري جي تدفين جي موقعي تي رينجرز ۽ پوليس پاپوش نگر قبرستان ۾  سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليا.

امجد صابري جو ٽيجهو سڀاڻي جمعي نماز بعد  لياقت آباد جي فرقانيا مسجد ۾ ٿيندو.

ان کان اڳ امجد صابري جو مڙهه ڇيپا سرد خاني کان گهر منتقل ڪرڻ وقت خدمت خلق فائونڊيشن ۽ ڇيپا رضا ڪارن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي.

خدمت خلق فائونڊيشن جو چوڻ هو ته امجد صابري سندن پارٽي سربراهه سان وفادار هو ان ڪري سندس مڙهه ڇيپا ايمبولنس مان لاهي ڪي ڪي ايف ايمبولنس ۾ رکيو وڃي.

امجد صابري جي ڀاڻيجي پاران ايئن ڪرڻ کان روڪڻ تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جنهن بعد رينجرز صورتحال تي ضابطو آندو.

امجد صابري تي حملي  وقت ساڻس گڏ زخمي ٿيل سليم صابري جو چوڻ هو ته جڏهن هٿيابندن فائرنگ ڪئي ته امجد صابري کين چيو ته مونکي ڇو پيا ماريو منهنجا ننڍڙا ننڍڙا ٻچا آهن.

ڪراچي پوليس امجد صابري جي قتل بعد اکين ڏٺن شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن، جاچ ادارن واقعي جي جيو فينسنگ مڪمل ڪري هڪ جوابدار جو خاڪو جاري ڪيو آهي.

ايس ايس پي جاچ  سينٽرل عارب مهر جو چوڻ آهي ته امجد صابري جي قتل جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

ايس ايس پي عارب مهر  چيو ته امجد صابري جي قتل ۾ طالبان  يا ٻيا ماڻهو ملوث ٿي سگهن ٿا، جنهن جي جاچ جاري آهي.

 امجد صابري جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، رينجرز  امجد صابري جي گهر ڀرسان چيڪنگ ڪري  ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*