ڀارت ۾ وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 79 ڄڻا فوت ٿي ويا

india

ڀارت ۾ وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 79 ڄڻا فوت ٿي ويا آهي، سڀ کان وڌيڪ ماڻهو بهار ۾ فوت ٿيا آهن، جتي فوتين جو انگ 53 ٿي ويو آهي.

چوماسي برساتن دوران ڀارتي رياستن بهار، مڌيه پرديش ۽ جهارکنڊ جي 9 ضلعن ۾ اڱاري ڏينهن وڄ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، جن ۾ 79 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سڀ کان وڌيڪ ماڻهو بهار رياست ۾ فوت ٿيا، جتي وڄ ڪرڻ سبب فوتين جو انگ 53 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مڌيه پرديش ۾ 16 ۽ جهارکنڊ ۾ 10 ڄڻا فوت ٿيا آهن.

اطلاع موجب وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ فوتين مان اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي برسات دوران به ٻنين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا.

ڀارت ۾ برسات جي مند ۾ وڄ ڪرڻ جا واقعا عام آهن، 2005ع کان هر سال اهڙن واقعن ۾ اٽڪل ٻه هزار ماڻهو فوت ٿي پڻ ٿا.

ڀارت کانسواءِ بنگلاديش ۾ به وڄ ڪرڻ سبب ماڻهن جي مرڻ وارن واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، ڪجڪهه سياستدانن جو خيال آهي ته عالمي سطح تي گرمي پد وڌڻ سبب وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ اڃا به واڌ ٿي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*