گهوٽڪي ۾ هڪ پورهيت پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پنهنجي گهرواري سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي اپيل ڪئي

ghotki-old-man-woman

گهوٽڪي ۾ هڪ پورهيت پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پنهنجي گهرواري سان  گڏ احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ گولو ابڙو جي رهواسي پورهيت شاهنواز ۽ سندس زال پريس ڪلب آڏو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته هفتو اڳ پوليس سندن پٽ غلام الله ابڙو کي ٽريڪٽر آڏو ڌڪو ڏئي مارائڻ بعد حادثو ڄاڻائي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته سندن هڪ ڌر سان چوري واري معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي، مخالفن جي ونگار وهندي پوليس سندن بيگناهه پٽ کي ماريو آهي.

هنن چيو ته پوليس پاران چوري جو ڪيس داخل نه ڪرڻ سبب عدالتي ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ڪري پوليس انتقامي ڪارروائي ڪئي آهي.

احتجاج ڪندڙ پورهيت مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري پٽ جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*