جوهي تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

johi-protest

جوهي تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

آبادگارن عبدالله سولنگي، جاويد کوسو، ڪريم رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪري جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن دانهيو ته آبپاشي کاتي جا ڪامورا پاڻي منڍ جي بااثر کاتيدارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نه پيو پهچي.

هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب 44 ميل ريگيوليٽر کان هيٺ پوکيل فصل سُڪي رهيا آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پڇڙي تائين پاڻي پهچائي کين معاشي نقصان کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*