تحريڪ انصاف، وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

Nawaz-Sharif-140516

تحريڪ انصاف، وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته پاناماليڪس اسڪينڊل کانپوءِ وزير اعظم آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت اهل ناهي رهيو، ٽي او آر ڪميٽي جي ناڪام ٿيڻ بعد عدالتن جا در کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نعيم الحق، ياسمين راشد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف جي وفد وزير اعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ بابت باقاعده طور اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرايو.

ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاناماليڪس ۾ انڪشافن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، تنهنڪري اليڪشن ڪميشن کيس نااهل قرار ڏي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق چيو ته وزير اعظم نواز شريف چونڊن ۾ حصو وٺڻ وقت اثاثن جا تفيصل ظاهر نه ڪيا، جڏهن ته پاناماليڪس ذريعي اڇا ڪارا پڌرا ٿيا.

هن چيو ته ٽي او آر طئي ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿيا، پر ڪو کڙتيل نه ڪري سگهيو، پي ٽي آءِ هاڻي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندي.

نعيم الحق چيو ته حڪومت پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ مان فرار ٿيڻ چاهي ٿي، پارلياماني ڪميٽي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ هنن عدالتن جا در کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*