سپر ماڊل ايان علي ٽيون ڀيرو اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ayan-ali-new-pic

سپر ماڊل ايان علي ٽيون ڀيرو اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻيو ڀيرو اي سي ايل ۾ نالو داخل ٿيڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست اڃا تائين ٻڌڻي هيٺ آهي پر عدالتي حڪم جي ابتڙ ٽيون ڀيرو به نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سپر ماڊل ايان علي پاران پنهنجي وڪيل معرفت ٽيون ڀيرو اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ خلاف تڪڙي ٻڌڻيءَ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندس نالو ٻيو ڀيرو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ خلاف درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، تنهن باوجود عدالتي حڪمن جي ابتڙ ٽيون ڀيرو نالو اي سِي ايل ۾ وڌو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان باوجود بدنيتي جو مظاهرو ڪري نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توهين عدالت واري درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*