ڪوئيٽا جَي عالمو چوڪ ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

quetta-belast

ڪوئيٽا جَي عالمو چوڪ ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو.

ڪوئيٽا شهر جي عالمو چوڪ وٽ معمول موجب ماڻهن  جو وڏو انگ موجود هو ته اوچتو زرودار ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ڀرواين عمارتن ۽ گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا.

اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ هو ته بارودي مواد موٽر سائيڪل ۾ نصب ٿيل هو، جنهن کي رموٽ ڪنٽرول ذريعي اڏايو ويو، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن کان بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*