سپريم ڪورٽ، پشاور ڪينٽ ۾ پلاٽ ٽرانسفر ڪرڻ تي پابندي خلاف جي ايڇ ڪيو اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، پشاور ڪينٽ ۾ پلاٽ ٽرانسفر ڪرڻ تي پابندي خلاف جي ايڇ ڪيو اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پشاور ڪينٽ ۾ پلاٽ ٽرانسفر ڪرڻ تي پابندي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل دليل ڏنا ته جي ايڇ ڪيو اختيارين حڪومت جي خط جو جواب ناهي ڏنو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رماڪس ڏنا ته حڪومت جو اهو چوڻ مناسب نه آهي ته جي ايڇ ڪيو اختيارين جواب ناهي ڏنو، ڇا جي ايڇ ڪيو حڪومت جي ماتحت نه آهي؟.

سپريم ڪورٽ جي ايڇ ڪيو اختيارين کان ايندڙ هفتي تائين جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*