سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو

superemcourt12-8

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ججز ۽ عدالتن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ڪراچي مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ جي  اغوا واري واقعي سميت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي.

چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

چيف جسٽس، آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري کي عدالت ڪئي ته عدالتن سان گڏ ججز جي سڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*