دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي ضروري آهي:آصف علي زرداري

asif-zardari

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، امريڪي سينيٽر جان مڪين سان ملاقات دوران پاڪستان کي ايف سورنهن جهازن جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي ضروري آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا به بهتر ٿيندا.

امريڪا جي دوري تي پهتل پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان امريڪي سينيٽر جان مڪين ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ امريڪا لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران آصف علي زرداري، سينيٽر جان مڪين تي زور ڏنو ته اهو ايف سورنهن جهازن جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪري، دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ ويڙهاڪ جهازن ۽ ڊرون ٽيڪنالوجي جي فراهمي ضروري آهي.

آصف علي زرداري چيو ته ڊرون ٽيڪنالوجي ۽ ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي سان پاڪستان ۽ امريڪا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

هـُن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستاني عوام ۽ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن پر ان باوجود پاڪستان ملڪ مان دهشتگرد جي لعنت جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۾ جمهوري برقرار رهڻ گهرجي، جيئن ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلندو رهي……………..

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*