ڪراچي ۾12 ڪلاڪن اندر باهه لڳڻ جو ٽيون واقعو پيش آيو

karachi-fire

ڪراچي ۾12 ڪلاڪن  اندر باهه لڳڻ جو ٽيون واقعو پيش آيو آهي، سائيٽ ۽ هاڪس بي وارن علائقن ۾ فيڪٽرين کي باهه لڳڻ کانپوءِ شير شاهه واري علائقي ۾ ٽائرن جي گودام کي باهه وڪوڙي وئي آهي.

شير شاهه واري علائقي ۾ ٽائرن جي گودام کي باهه لڳڻ کانپوءِ فائر برگيڊ عملي پاران باهه تي ضابطي جون ڪوششون جاري آهن.

سائيٽ واري علائقي ۾گارمينٽ فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب شهر جي مختلف علائقن مان گهرايل 18 فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، جن مان اڪثر گاڏين جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي.

فائر برگيڊ عملي فيڪٽري کي لڳل باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو آهي، جڏهن ته باهه ڀر واري عمارت کي لپِيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

هاڪس بي واري علائقي ۾ دوائن جي فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن باهه سبب لکين رپين جون دوائون سڙي ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*