پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ مختلف معاملن تي مشاورت لاءِ اعليٰ سطحي مڪينزم جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

sartaj-aziz-31-7

پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ مختلف معاملن تي مشاورت لاءِ اعليٰ سطحي مڪينزم جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني وچ ۾ ملاقات دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو.

تاشقند ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز سان افغانستان جي پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني ملاقات ڪئي.

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني وچ ۾ ازبڪستان جي راڄڌاني تاشقند ۾ ملاقات ٿي آهي.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران مختلف معاملن تي مشاورت لاءِ اعليٰ سطحي مڪينزم جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سرتاج عزيز ۽ افغان پرڏيهي وزير ڪندا.

ٻنهي ملڪن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ ۽ طورخم جهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي خدمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

ملاقات دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکڻ، افغان امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مفاهمتي عمل لاءِ گڏيل ڪوششن اتي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*