ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان ملاقات، پٽ کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري

cheif-iustic-meet-ashaq-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سجاد علي شاهه سان ملاقات ڪري سندس پٽ اويس شاهه کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، اسحاق ڊار چيو آهي ته اويس شاهه جي بازيابيءَ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه سان ملاقات ڪري وزيراعظم نواز شريف جو پيغام پهچايو.

ملاقات دوران وفاقي وزير اسحاق ڊار اويس شاهه جي بازيابيءَ جي حوالي سان سڪيورٽي ادارن پاران کنيل قدمن ۽ جاچ کان چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو.

وفاقي وزير اسحاق ڊار چيف جسٽس کي خاطري ڪرائي ته اويس شاهه جي بازيابيءَ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، جلد کيس بازياب ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*