پاڪستان ۾ دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي اٿئون، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويندو:صدر ممنون حسين

mamnoon-hussain

صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي اٿئون، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويندو، خطي ۾ امن ۽ ترقي افغانستان سان سلهاڙيل آهي.

تاشقند ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل چئلينج آهي، مستقل امن جي بحالي لاءِ سڀني کي گڏيل طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون  آهن، جن کي عالمي برادري تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته خطي ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ ڪابل جي صورتحال ۾ بهتر آڻڻ اڻٽر آهي.

پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته راهداري منصوبي سان خطي جي تقدير تبديل ٿي ويندي، جڏهن ته منصوبو هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*