ڪراچي ۾ لياري گينگ وار جي عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف پوليس واپاري عبدالصمد کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو چالان انتظامي جج آڏو پيش

uzar-baloch

ڪراچي ۾ لياري گينگ وار جي عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف پوليس واپاري  عبدالصمد کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو چالان انتظامي جج آڏو پيش ڪري ڇڏيو، چالان ۾ چيو ويو آهي ته عذير بلوچ جي ماڻهن واپاري جي بازيابي لاءِ 2 لک ۽ بعد ۾ 10 لک ڀنگ طلب ڪيو، جيڪي نه ملڻ تي کيس قتل ڪيو ويو.

ڪلاڪوٽ پوليس لياري گينگ وار جي جوابدار عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف واپاري عبدالصمد کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ چالان اي ٽي سي انتظامي جج عبدالمالڪ گدِي آڏو پيش ڪيو.

چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عذير بلوچ جي ماڻهن واپاري عبدالصمد کي اغوا ڪري 2 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، جنهن مان 70 هزار رپيا ادا ڪيو ويو.

چالان موجب جوابدارن 70 هزار رپيا ملڻ کانپوءِ 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، جيڪو سندس وارثن وٽ نه هئڻ تي بلوچستان طرف لڏي ويا، جنهن بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

انتظامي جج عذير بلوچ ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس جو چالان منظور ڪندي اي ٽي سي موڪلي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*