ٽنڊو الهيار ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل سنڌ جي ڀلوڙ راڳي الله ڏنو خاصخيلي جي ميرپور بٺوري ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

allah-dino-khasikili

ٽنڊو الهيار ڀرسان  روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل سنڌ جي ڀلوڙ راڳي الله ڏنو خاصخيلي جي ميرپور بٺوري ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻن جو حيدرآباد جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون، جهڙن شاهڪار ڪلامن سان پاڻ مڃائيندڙ سنڌ جو مشهور راڳي الله ڏنو خاصخيلي، ٽنڊوالهيار باءِ پاس تي ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو ۽ ساڻس گڏ محمد حسن خاصخيلي  سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ الهڏني خاصخيلي جو مڙهه ۽ زخمين کي ٽنڊو الهيار اسپتال پهچايو ويو، جتان ضروي ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب مشهور راڳي الهڏنو ڏنو خاصخيلي پنهنجي ساٿين سميت  ميرپور خاص کان ميرپور بٺوري وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هن ٿڏي تي دم ڏنو.

        الهڏني خاصخيلي جو مڙهه ٽنڊو الهيار کان ميرپوربٺورو پهچائڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن سميت، شاعرن ۽ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ڀلوڙ راڳي الهڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ ميرپوربٺوري شهر ۾ جنم ورتو ۽ 10 ورهين جي ڄمار ۾ هن پنهنجي والد غلام  حسين  جي صحبت ۾ فني سفر جي شروعات ڪئي.

الهڏني خاصخيلي شيخ اياز، آڪاش انصاري، امداد حسيني ۽ ٻين جي لکيل شاعري  ڳائي، جڏهن ته سندس ڳايل گيتن ۾”جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“اهڙن مشهور ڪلامن عوام جي دلين ۾ گهر ڪيو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*