ڪراچي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ناليواري قوال امجد صابري جو ٽيجهو ٿي گذريو

amjad sabri

ڪراچي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ناليواري قوال امجد صابري جو ٽيجهو ٿي گذريو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، خورشيد شاهه چيو آهي ته امجد صابري جي قتل ۽ چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا وارن واقعن حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ امن بحال ٿي چڪو هو، پر ٻيهر بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي.

لياقت آباد جي فرقان مسجد ۾ ناليواري قوال امجد صابري جي ٽيجهي جي تقريب ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سميت سياسي سماجي اڳواڻن، فنڪارن ۽ شهرين سميت هر طبقي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران قرآن خواني ڪرائي امجد صابري کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

امجد صابري جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته امجد صابري جي قتل ۽ چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي اغوا وارن واقعن حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امن قائم ٿي چڪو هو پر هاڻي بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي، سنڌ حڪومت کي امن امان جي بهتريءَ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن.

خورشيد شاهه چيو ته امجد صابري جي قاتلن کي جلد گرفتاري ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*