ڀارتي جيل ۾ قيد ٽنڊوباگو واسي پورهيت جي والد حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل،پٽ کي جيل مان آزاد ڪرائڻ جو مطالبو

mathi-

ڀارتي جيل ۾ قيد ٽنڊوباگو واسي پورهيت جي والد حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته هن جي پٽ کي ڀارتي جيل مان آزاد ڪرائڻ لاءِ هن جي مدد ڪئي وڃي.

مٺي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽنڊوباگو جي ڳوٺ ملهو ڀيل جي رهواسي سامون ڀيل دانهيندي چيو ته هن جي نوجوان پٽ مولچند جو دماغي توازن درست نه هئڻ سبب هو 2011 جي آيل ٻوڏ دوران گم ٿي ويو هو،  جيڪو هاڻي انڊيا جي سينٽرل جيل جئپور ۾ قيد آهي.

هن جو چوڻ هو ته ڀارتي جيل جي انتظاميا هنن کي اهڙو ليٽر لکي آگاهه پڻ ڪيو، جنهن ۾ جيل انتظاميا پڻ مولچند جي ذهني توازن صحيح نه هجڻ جو اعتراف ڪيو.

هن وزيراعظم نواز شريف، گھرو وفاقي وزير چوڌري نثار احمد، وزير اعليٰ قائم علي شاهه، صوبائي گھرو وزير سهيل انور سيال ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هنن جي مدد ڪري هن جي پٽ مولچند کي ڀارتي جيل مان آزاد ڪرايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*