ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري سياسي جماعت جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار جوابدار، مشهور قوال امجد صابري جي قتل بابت وڏا انڪشاف

Amjadsabri25616

ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري سياسي جماعت جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار جوابدار، مشهور قوال امجد صابري جي قتل بابت وڏا انڪشاف ڪيا آهن، جڏهن ته ڪارروائي دوران پڻ اهم ثبوت مليا آهن.

4 ڏينهن اڳ لياقت آباد پل وٽ ڪار تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل مشهور قوال امجد صابري جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب امجد صابر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سرجاني ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جتان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار جوابدار جو سياسي جماعت سان تعلق آهي، جنهن جاچ دوران امجد صابري جي قتل جي حوالي سان اهم انڪشاف پڻ ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*