ڪراچي جي علائقي گلٻائي ۾ ٽائرن جي فيڪٽري کي لڳل باهه تي اڄ ٻئي ڏينهن به ضابطو نه اچي سگهيو

Golbai-Karachi-25616

ڪراچي جي علائقي گلٻائي ۾ ٽائرن جي فيڪٽري کي لڳل باهه تي اڄ ٻئي ڏينهن به ضابطو نه اچي سگهيو، سموري شهر جون فائر برگيڊ ۽ فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه وسائڻ لاءِ وڌيڪ 8 کان 10 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا.

گذريل ڏينهن گلٻائي واري علائقي ۾ ٽائرن جي فيڪٽري کي باهه لڳي وئي هئي، جنهن تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي.

فائر برگيڊ عملو گذريل ڏينهن کان باهه تي ضابطي آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، جڏهن ته پاڪ بحريه جون به فائر ٽينڊر حصو وٺي رهيون آهن.

فائر برگيڊ عملي موجب فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي 80 سيڪڙو ضابطو اچي چڪو آهي پر ان تي مڪمل ڪنٽرول لاءِ ڪجهه ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*