چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿي رهيو

anwar-zaheer-25616

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيندا، چيف جسٽس کي اويس شاهه جي بازيابي لاءِ کنيل قدمن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس انور ظهير جمالي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي.

اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه، ججز، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيندا.

چيف جسٽس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي بازيابيءَ لاءِ ورتل اپائن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ٻين پاران ڪراچي سميت صوبي اندر امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*