ٺل ۾ 9 سال اڳ اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Fazela-Protest-25616

ٺل ۾ 9 سال اڳ اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته 3 سال قتل ٿي ويل نوجوان فيض محمد چنو جي امڙ به قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو.

ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي وارثن ۽ علائقي واسين پريس ڪلب آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ فضيلا جي پيءَ، عبدالرزاق ۽ ماءُ سڪينه جو چوڻ هو ته سندن نياڻي جي اغوا کي 9 سال گذري ويا آهن، پر اڃا تائين هو انصاف لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن.

فضيلا سرڪي جي پيءُ عبدالرزاق سرڪي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سندس معصوم نياڻي کي بازياب نه ڪرايو ويو ته عيد کانپوءِ هو پاڻ شاڙيندو.

ٺل ۾ 3 سال اڳ قتل ٿي ويل نوجوان فيض محمد چنو جي  امڙ به پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن مطالبو ڪيو ته سندس بيگناهه  پٽ کي  قتل ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*