ڪراچي جي گلٻائي واري علائقي ۾ ٽائرن جي فيڪٽري جي گودام کي لڳل باهه تي 24 ڪلاڪن بعد ضابطو آندو ويو

Tyre-Fir-25616

ڪراچي جي گلٻائي واري علائقي ۾ ٽائرن جي فيڪٽري جي گودام کي لڳل باهه تي 24 ڪلاڪن بعد ضابطو آندو ويو آهي، باهه سبب لکين رپين جي ماليت جا ٽائر سڙي رک ٿي ويا آهن.

ٽائرن جي فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان فائر برگيڊز کي طلب ڪيو ويو، فائر برگيڊز جو پاڻي ختم ٿيڻ بعد ايئر فورس ۽ نيوي جي فائر ٽينڊرز کي طلب ڪيو ويو.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن ٽن فيڪٽرين کي باهه لڳي هئي، جن مان ڪالهه ٻن فيڪٽرين کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو هو، جڏهن ته گلٻائي واري علائقي ۾ فيڪٽري کي لڳل باهه تي 24 ڪلاڪن بعد ضابطو آندو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڪولنگ وارو عمل جاري آهي.

ٽائرن جي فيڪٽري جي گودام کي باهه  لڳڻ سبب لکين رپين جي ماليت جا ٽائر سڙي رک ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*